68

لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمران خان خلاف هر قسم جي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس جواد حسن پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ ٻيون ڀيرو اليڪشن ڪميشن کي عمران خان خلاف پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. عمران خان درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي خلاف ڪارروائي کي چئلينج ڪيو آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجن اختيارن کان مٿانهون ٿي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں