69

ڊيرا اسماعيل خان: پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس وين تي دستي بم سان حملو، 3 اهلڪار زخمي

ڊيرا اسماعيل خان: ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليو کان بچاءُ لاءِ ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس وين تي نامعلوم ماڻهن دستي بم سان حملو ڪيو جنهن ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب نامعلوم جوابدارن پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس وين تي موسيٰ زئي ويجهو فائرنگ ڪئي ۽ دستي بم اڇلايا.
پوليس موجب دهشتگردن جي حملي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا. ڪوئيڪ رسپانس فورس فوري طور تي موقعي تي پهتي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پوليس اختيارين موجب حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب حملي آور جهنگ فرار ٿي ويا آهن جنهن جي ڳولا جو عمل جاري آهي، وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لائحه عمل پڻ جوڙيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں