64

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس: منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
سنڌ ۾ امن امان بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر اظهر وقاص، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صوبائي وزيرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سال 2023 جي مڪاني چونڊن ۾ 4995 پولنگ اسٽيشنن کي سيڪيورٽي ڏينداسين 25340 فورس فورس مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪندي.

غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته سال 2022 ۾ 2021 جي مقابلي ۾ ڏوهن جي شرح 4.42 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي ان ڏوهن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي شامل آهي جڏهن ته گهرن ۾ چورين جي واقعن ۾ به 14.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

ان موقعي تي وڏي وزير حڪم ڏنو ته پوليس اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن سمورن وسيلن کي استعمال ڪري. اسٽريٽ ڪرائيم خلاف جيڪو ڪريڪ ڊائون جاري آهي ان کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته سي ٽي ڊي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ روپيه ڏنا آهن. اسپيشل برانچ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ به 995.3 ملين روپيه ڏئي رهيو آهيان. سنڌ حڪومت پوليس ۾ ڪرائوڊ مينجمنٽ يوني ٺاهي رهي آهي. ريپڊ رسپانس فورس کي وڌيڪ موثر بنايو ويندو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي ايراضي تي به حددخليون قائم ڪيون ويون آهن جنهن تي وڏي وزير هدايت ڏني ته ٽرانسپورٽ جو وزير شهر ۾ ٽريفڪ جام جا مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪري.
شرجيل ميمڻ تجويز پيش ڪئي ته احتجاج جي لاءِ هڪ پارڪ مقرر ڪرڻ گهرجي. پارڪ ۾ صحافين جي ويهڻ لاءِ به جڳهه ٺاهي وڃي. سمورا احتجاج اتي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن روڊ بلاڪ نه ٿئي جنهن تي مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته احتجاج جي لاءِ مخصوص جڳهه ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي ڏيو.
وڏي وزير اجلاس دوران ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي ۾ دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو، خاص ڪري عورتن، اقليتن ۽ ٻارن سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن انهن کي هرگز برداشت نه ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ منشيات سبب نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي.نشو واپرائيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن فوري طور تي منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں