56

اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي.
سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) کي پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي حتمي مهلت ڏيندي واضح ڪيو ته جيڪڏهن مقرر مدي تائين چونڊون نه ٿيون ته پارٽي کان چونڊ نشان واپس ورتو ويندو.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو ته(ن) ليگ يقين ڏياريو هو ته 30 ڊسمبر تي انٽرا پارٽي چونڊ ٿي ويندي. ان تي(ن) ليگ جي وڪيل چيو ته 30 ڊسمبر تي انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائي سگهياسين هاڻ اهي چونڊون 31 جنوري تي ڪرائينداسين احسن اقبال ان بابت درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 31 جنوري تي پارٽي چونڊون ٿي وينديون آخري موقعو ڏنو وڃي.
(ن) ليگ جي وڪيل جي موقف تي چيف اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪا پارٽي چونڊون نٿي ڪرائي سگهي اها عام چونڊون ڪهڙيون ڪرائيندي. اسان کي اوهان جو چونڊ نشان ختم ڪرڻو پوندو پوءِ ئي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائيندو.
چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اوهان ڪڏهن ڪورونا جو چوندا آهيو ته ڪڏهن وري ڪو ٻيو بهانو ڪندا آهيو. (ن) ليگ کي 7 ڏينهن جو شُڪاز نوٽيس جاري ڪريون ٿا، اهو فائنل شوڪاز آهي ان کان پوءِ چونڊ نشان واپس وٺڻ جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں