80

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي گهر تي جاچ واري استدعا رد، هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد: عدالت پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي گهر(زمان پارڪ) ۾ جاچ جي درخواست رد ڪندي کيس هر صورت ۾ جاچ آفيسر جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بينگ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جج رخشنده شاهين ڪئي. جنهن ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل طرفان عدالت ۾ پيشي جي لاءِ ميڊيڪل گرائونڊ تي 2 هفتن جو وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.

اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته نومبر ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ عمران خان سياسي معاملا هلائي رهيو آهي پر عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي. عمران خان نه ته عدالت ۾ پيش نه ئي واري جاچ ۾ شامل ٿيو ان ڪري عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪئي وڃي.

رضوان عباسي ٻڌايو ته ضمانتي مچلڪن کان علاوه عمران خان هڪ به عدالتي حڪم تي عمل ناهي ڪيو. عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي.

عدالت عمران خان جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته معاونت ڪريو ڇو نه عبوري ضمانت جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيون. عمران خان جاچ ۾ شامل ڇو ناهي ٿيو. جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته عمران خان جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو ان جي پيش نه ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. عمران خان حملي ۾ زخمي ٿيو آهي عمران خان هميشه قانوني جي حڪمراني ڳالهه ڪئي آهي.

عمران خان جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر جيئن ئي اجازت ڏيندا عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيندو. عدالت عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ۽ ميڊيڪل گرائونڊز تي عدالتي پيشي جي لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏنو وڃي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر جي لاءِ ممڪن ناهي ته هو لاهور وڃي ۽ جاچ ڪري. سڀاڻي ڪو ٻيو جوابدار چوندو ته ڪوئٽه اچي جاچ ڪريو. زخمن جي ڳالهه آهي ته اهو نومبر جو واقعو آهي. عمران خان ميڊيا تي ته نظر اچي ٿو پر عدالت ۾ پيش ناهي ٿيندو. عبوري ضمانت جو فيصلو واپس ورتو وڃي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته جاچ ڪرڻ جاچ آفيسر جو ڪم آهي. جاچ آفيسر کي عدالت ڪابه هدايت نه ڏيندي. جاچ آفيسر جيئن ۽ جتي چاهي جاچ ڪري سگهي ٿو ان ۾ عدالت مداخلت نه ڪندي. بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪندي عمران خان کان زمان پارڪ ۾ جاچ جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته ڪجهه به ٿئي يقيني بنايو ته عمران خان هر حال ۾ جاچ آفيسر جي آڏو پيش ٿئي.
عدالت عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت وڪيل کان معاونت طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان پيش نه ٿيو ته عدالت عبوري ضمانت جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں