82

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جو سرڪاري دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڙيسري اسلامي ملڪن سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڙيسري ملڪن جي سينئر اڳواڻن سان دوري دوران ملاقاتون ڪندو. آرمي چيف جو سعودي عرب ۽ يو اي اي جو دورو 4 کان 10 جنوري تائين آهي.
ٻئي طرف سعودي ميڊيا موجب جنرل عاصم منير دفاع واري وزير خالد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي وزير دفاع کيس پاڪستان جو آرمي چيف بنجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب آرمي چيف ۽ سعودي دفاع واري وزير وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ به هڪ ٻئي جي مدد جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. ملاقات ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں