72

هن سال برفباري ۽ برساتون معمول کان گهٽ پونديون: موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته هن سال معمول کان گهٽ برساتون ۽ برفباري پونديون جڏهن ته ٿڌ ۾ به وڌيڪ واڌ نه ٿيندي.
موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ هن وقت پارو 25 کان 26 دگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ اچي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ في الحال برسات جو ڪوبه امڪان نه آهي. جڏهن ته جنوري ۾ به برسات جو ڪوبه امڪان نظر نه پيو اچي.
سردار سرفراز چيو آهي ته هن سال معمول کان گهٽ برساتون ۽ برفباري ٿيندي جڏهن ته ٿڌ ۾ به واڌ نه ٿيندي. هن چيو ته ته اسڪردو ۽ گلگت بلتستان جو موسم ٿڌو رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں