68

پرويز الاهي لاءِ اعتماد جي ووٽ جو مشن: عمران خان اڄ ٻيهر اجلاس گهرائي ورتو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ ڏيارڻ جي مشن امپاسيبل جي لاءِ عمران خان ٻيهر اجلاس طلب ڪري ورتو.
ذريعن موجب پنجاب جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس اڄ زمان پارڪ ۾ ٿيندو جنهن ۾ پنجاب جا سينئر اڳواڻ عمران خان کي اعتماد جي ووٽ جي تيارين جي باري ۾ اعتماد ۾ وٺندا.
ذريعن موجب اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻ عثمان بزدار، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي سبطين خان، اسلم اقبال، ميان محمودالرشيد ۽ سيد عباس علمدار به شريڪ ٿيندو.
پنجاب جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس اڱاري جي ڏينهن به ٿيو هو جنهن ۾ عمران خان پارٽي اڳواڻن کي 11 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں