67

تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان صوبائي ۽ مرڪزن اڳواڻن کي پنهنجي حتمي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ يا اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ دير تي عمران خان نئين حڪمت عملي ٺاهيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير ٿي ته اسان جا ميمبر استعيفائون ڏئي پنجاب اسيمبلي مان ٻاهر اچي ويندا.
عمران خان هڪ دفعو ٻيهر هدايت ڏيندي چيو آهي ته پارٽي 11 جنوري کان اڳ وڏي وزير جي اعتماد جي ووٽ جو عمل يقيني بنائي. پارٽي ميمبر اسيمبلي ۾ وڌيڪ نٿا رهڻ چاهين، جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ ڪا رنڊڪ پيدا ڪئي وئي ته پوءِ اسان جا ميمبر ايم پي ايز استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا.
هوڏانهن پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن عمران خان کي وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن سان رابطن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 2 آزاد اسيمبلي ميمبرن سان حمايت جي لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پارٽي اعتماد جي ووٽ جو عمل تيزي سان مڪمل ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں