70

موسميات کاتي ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 7 جنوري کان مغربي هوائن جو نئون سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ برسات پوندي. جڏهن ته مغربي سسٽم جي پختونخواهه منتقلي کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون هلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب مغربي هوائون اتر بلوچستان جي علائقن ۾ اڄ کان داخل ٿي وينديون ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران مٿانهين علائقن ۾ پنهنجو اثر ڏيکارينديون. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ موسم ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب دير، چترال، سوات، ڪوهستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هلڪي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهين علائقن کان علاوه اتر بلوچستان ۾ به وڌيڪ ٿڌ پوندي. موسميات کاتي جي ترجمان موجب ڪوئٽه ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي چڪي آهي. شهر جو گرمي پد منفي 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ روڊن تي بيٺل پاڻي ڄمي برف ۾ تبديل ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب قلات ۽ زيارت ۾ گرمي پد منفي 7 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي سڀاڻي شام کان 9 جنوري تائين بلوچستان ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو آهي ته سڀاڻي کان صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو نئون سسٽم داخل ٿيندو ۽ برساتن جو اهو سلسلو 9 جنوري تائين جاري رهندو جنهن کان پوءِ مٿانهين علائقن خاص طور تي ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں