69

ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ دير نٿي ٿي سگهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ دير نٿي ٿي سگهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ووٽر لسٽن تي اعتراض بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل اعتراض ڪيو ته چونڊن لاءِ پراڻي ووٽر لسٽ جو استعمال قانون جي خلاف آهي.

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته اوهان مختلف فورمز تي ويا پر اڳ ڪڏهن اهو مسئلو نه اٿاريو. اوهان سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ويا پر اهو معاملو پهريون ڀيرو اٿاريو آهي. ڪو ٻيو به مسئلو هجي ته اهو به اڄ ئي اٿاري ڇڏيو ته جيئن گڏ ئي سمورا مسئلا ٻڌي وٺون.

چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته اوهان غلط بيان ڏئي رهيا آهيو ته پراڻي ووٽر لسٽ استعمال ٿي رهي آهي اسان اوهان جي بيان کي رد ڪريون ٿا ته پراڻي ووٽر لسٽ تي چونڊون ٿي رهيون آهن. اوهان سمجهون ٿا ته اوهان چونڊن ۾ دير ڪرائيندو. اوهان جا هينئر تائين ڏنل دليل غير لاڳاپيل آهن.

سڪندر سلطان راجا چيو ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ دير نٿي ٿي سگهي. چونڊون وقت تي ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بئنچ دليل ٻڌڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں