71

بغاوت جو ڪيس: ايمبولينس ۾ عدالت ايندڙ شهباز گل جي طبيعت خراب، فرد جرم جي ڪارروائي ٻيهر ملتوي

اسلام آباد: ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ جو اڳواڻ شهباز گل ماسڪ لڳائي ايمبولينس ۾ عدالت پهتو جتي سندس طبيعت خراب ٿي وئي.
شهباز گل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ايمبولينس ۾ عدالت پهتو شهباز گل کي ايمبولينس ۾ آڪسيجن ماسڪ لڳل هو جتي هو کنگهي رهيو هو.

جوابدار عماد يوسف جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل کي مليريا بخار ٿي ويو آهي ان ڪري ان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي. جوابدار عماد يوسف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
جج ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته هنن قطارون لڳائي ڇڏيون آهن، شهباز گل ايمبولينس ذريعي لاهور کان اچي ويو جڏهن ته عماد يوسف ڪراچي کان هتي ناهي پهتو.
شهباز گل جي وڪيل چيو ته شهباز گل عدالت جي ٻاهران ايمبولينس ۾ موجود آهي جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته معاملي لٽڪيل آهي ائين لڳي رهيو آهي ته ٽائيم کي اڳيان وڌايو پيو وڃي. شهباز گل جي وڪيل چيو ته هڪ بيمار ماڻهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرايا پيا وڃن. شهباز گل ايمبولينس مان نٿو لهي سگهي ان کي آڪسيجن ماسڪ لڳل آهي جنهن کان پوءِ عدالت شهباز گل جي ايمبولينس ۾ ئي حاضري لڳائي ڇڏي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار عماد يوسف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتار وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته شهباز گل تي هڪ دفعو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. عدالت شهباز گل تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي حاضري يقيني بنائڻ جي به هدايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں