82

سنڌ ڪابينا پهريون ڀيرو بلدياتي ڪائونسلز ۾ ٽرانسجينڊرز کي به نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ ڪابينا بلدياتي ڪائونسلز جي لاءِ مخصوص ڪيل سيٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي. بلدياتي ڪائونسز ۾ پهريون ڀيرو ٽرانسجينڊرز کي به نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مڪاني ادارن جي ڪائونسلز ۾ ٽرانسجينڊرز لاءِ به مخصوص سيٽون رکڻ جي منظوري ڏني وئي.
سنڌ ڪابينا پاران عورتن، نوجوانن، پورهيتن، هارين ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن سان گڏ ٽرانسجينڊرز جي ڪيٽيگري به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ غذائيت واري پروگرام جو ڪنٽرول پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته غذائيت جي کوٽ کي منهن ڏيڻ واري پروگرام جا يونٽ هاڻ پي پي ايڇ آءِ هلائيندي.
ڪابينا اجلاس موجب صحت کاتي ايڪسلر اينڊ ايڪشن پلان جي عالمي بئنڪ واري حدف کي حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته غذائي کوٽ پروگرام جا يونٽ پي پي ايڇ آءِ هلائيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں