53

آزاد ڪشمير ۾ روڊ حادثي دوران 8 ڄڻا اجل جو شڪار

مظفرآباد: آزاد ڪشمير ۾ روڊ حادثي دوران 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. راولپنڊي کان تڪ کهاوڙه جي يوسي ميرا ڪلان ڏانهن ويندڙ ڪوسٽر روڊ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
رحيم ڪوٽ واري هنڌ تي پيش ايندڙ حادثي دوران 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوسٽر ۾ 12 ماڻهو سوار هئا.
حادثي جي اطلاع ملندي ئي مقامي انتظاميه ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ ڏانهن روانيون ڪري ڇڏيون آهن. زخمين ۽ فوت ٿي ويلن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں