78

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهرا کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. دعا زهرا کي والدين جي حوالي ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت شيلٽر هوم کي دعا زهرا کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس مڙس ظهير احمد جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ جي آڏو ڪراچي مان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪرڻ جي معاملي تي والدين ۽ مڙس کي حوالي ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي جنهن ۾ دعا زهرا جو مڙس ظهير احمد به عدالت جي سامهون پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران ظهير احمد جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته دعا زهرا جي والد جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي. ساڳئي درخواست اڃان ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. دعا زهرا گرفتار ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ عدالت ئي دعا زهرا کي شيلٽر هوم منتقل ڪيو. ان کي گرفتار ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.

ٻڌڻي دوران جسٽس اقبال ڪلهوڙي ڇوڪري کي گهرائي پڇيو ته پٽ اوهان جو نالو ڇا آهي، جنهن تي ڇوڪري ٻڌايو ته منهنجو نالو دعا زهريٰ آهي، مان ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هيس، عدالت ۾ منهنجو والد ۽ ڀيڻ موجود آهن، مان والدين سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي. عدالت پڇيو ته اوهان کي ڪي خدشا ته نه آهن؟ جنهن کان پوءِ عدالت چيو ته اوهان والدين سان وڃڻ چاهيو ٿا ته عدالت ڇا ڪري سگهي ٿي.

ظهير جي وڪيل ٻڌايو ته ٻارڙي کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته هر ڪوئي والدين جي گهر وڃڻ چاهي ٿو، ڪير به پنهنجي والدين جو گهر نٿو ڇڏڻ چاهي، عدالتون سڀني جي لاءِ کليل آهن، ڇوڪري ننڍي آهي، والدين ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، شيلٽر هوم نٿي وڃڻ چاهي
عدالت والد کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ضمانت ڏيو ٿا. عدالت والد سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي اوهان کي ڏئي رهيا آهيون، هاڻ اوهان جي ذميواري آهي. مدعي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته دعا زهرا کي زيارت لاءِ وٺي وڃڻو آهي. ان جي اجازت گهرجي جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته اهي ئي اسان جا خدشا آهن ٻارڙي کي پرڏيهه منتقل جون تياريون ڪيون پيون وڃن.
عدالت دعا زهرا جي والد کي پرڏيهه نه اماڻڻ جو حڪم ڏيندي شيلٽر هوم کي ٻارڙي والدين جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ دعا زهرا کي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. ان سان گڏ ئي عدالت ظهير احمد جي گهر واري دعا زهرا کي مڙس حوالي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ والد کي ضمانت جي لاءِ 10 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ريمارڪس ڏنا ته هر هفتي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ڇوڪريءَ جي خيريت معلوم ڪرڻ جو پابند هوندو. ليڊي پوليس انسپيڪٽر به دعا زهرا سان ملاقات وقت موجود رهندي. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست اُڪلائي ڇڏي.
ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ شاگردياڻي ظهير سان پسند جي شادي ڪرڻ کان پوءِ پنجاب هلي وئي هئي جنهن کي هٿ ڪري مڙس سميت ڪراچي آندو ويو. عدالت پاران مڙس سان گڏ رهڻ جي حڪم بعد وري هوءَ پنجاب هلي وئي هئي. مختلف خبرون ۽ ڪيس ٻيهر شروع ٿيڻ بعد شاگردياڻي ۽ سندس مڙس ظهير کي هتي آندو ويو.
نياڻي والدين حوالي ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران دعا زهريٰ جي والد مهدي ڪاظمي جو چوڻ هو ته نياڻي اسان جي حوالي ٿي وئي آهي. اسان اڄ تمام گهڻو خوش آهيون جن به اسان جو ساٿ ڏنو ان سڀني جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں