58

آمريڪا؛ جنوني شخص سس، زال ۽ 5 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي

آمريڪا ۾ جنوني شخص فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ساڳئي بندوق سان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو.

آمريڪي نشرياتي اداري موجب لاس اينجلس ۾ هڪ گهر مان پوليس کي 8 لاش مليا آهن، لاشن ۾ 4 کان 17 سالن جي عمر جي 5 ٻارن، هڪ مرد ۽ ٻڻ عورتن جا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل سمورا ماڻهو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا آهن، قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به شخص جي لاش وٽان مليو آهي.

شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته قاتل ۽ مقتول جي زال وچ ۾ طلاق جو معاملو هو. فوتي زال پنهنجي ماءُ ۽ 5 ٻارن سان گڏ رهندي هئي.

واقعي واري ڏينهن قاتل مڙس بندوق کڻي اچي پنهنجي زال سان تلخ ڪلامي ڪرڻ بعد پنهنجي زال، سندس ماءُ ۽ پنجن ٻارن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي گوليون هڻي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں