ڪراچي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنا نتيجي ختم ٿي وئي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن 319 رنسن جي تعاقب ۾ پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسون ٺاهي ورتيون، ڪيويز کي فتح لاءِ صرف هڪ وڪيٽ جي ضرورت هئي جڏهن امپائر خراب روشني سبب ميچ ملتوي ڪري ڇڏي.