101

شاهه رخ جي پٽ آريان ۽ نورا جي وچ ۾ ”ڊيٽنگ“ جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون

ممبئي: (شوبز نيوز) ڀارتي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي مشهور ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحا سان ملاقات جون خبرون اڄ ڪل سرخين جو زينت بڻيل آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحا ۽ آرين خان کي دبئي ۾ هڪ پارٽي ۾ گڏ ڏٺو ويو ۽ انهن جون وڊيوز ۽ تصويرون هڪ ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪيون ويون آهن.

تصويرون سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ۽ فلمي مداحن ٻنهي جي مبينا لاڳاپن تي بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيترن ئي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ لکيو ته نورا فتحا ۽ آريان خان جي وچ ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ خبر جلد سامهون اچي ويندي.

ڪجهه صارفين صرف چند تصويرن ۽ وڊيوز جي بنياد تي ٻنهي جي وچ ۾ تعلق کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان علاوه ڀارتي اداڪارا نورا ۽ آريان خان طرفان به ان لاڳاپن تي ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں