105

پنهنجي ڌيئن جي محبت ۾ پيءُ پنهنجي جنس تبديل ڪري ڇڏي

ڪيوٽو: ايڪواڊور جي هڪ شهري پنهنجي زال کان ڌار ٿيڻ بعد پنهنجي ڌيئرن جي سار سنڀال لاءِ پنهنجي جنس تبديل ڪري عورت بڻجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻارن لاءِ مرد کان عورت ۾ تبديل ٿيڻ جو حيران ڪندڙ واقعو ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ پيش آيو، جتي ريني ساليناس راموس نالي هڪ شخص پنهنجي ڌيئرن جي حفاظت لاءِ پنهنجي جنس تبديل ڪري ڇڏي.
شهري کي پنهنجي اڳوڻي زال مان ٻه ڌيئرون آهن، جن لاءِ هو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي، پر عدالت سندس ڌيئرن کي پنهنجي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ انهي شخص مرد مان جنس تبديل ڪري هڪ عورت بڻجي ويو آهي. ان حوالي سان ايڪواڊور جي شهري ريني ساليناس جو چوڻ آهي ته هي صرف سندس ڌيئرن جي محبت جو امتحان آهي.
هن چيو ته مان جن حالتن مان گذري رهيو آهيان، ٻيا ڪيترائي پيءُ به گذريا آهن يا گذري رهيا آهن، اميد آهي ته ان حوالي سان شعور جاڳندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں