70

مريم نواز کي چيف آرگنائيزر بنائڻ تي پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۾ بيچيني پکڙيل

لاهور:مريم نواز کي(ن) ليگ جي سينئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر مقرر ڪرڻ تي پارٽي ۾ سينئر اڳواڻن ۾ ڪافي بيچيني پکڙيل آهي.
(ن) ليگ جي ذريعن اهڙي مقرري تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي مقرري جي حوالي سان ڪوبه صلاح مشورو نه ڪيو ويو ۽ ان مقرري سان مريم نواز پارٽي ۾ پنهنجي والد نواز شريف ۽ چاچي شهباز شهباز شريف کان پوءِ ٽئين طاقتور شخصيت بڻجي وئي آهي. (ن) ليگ جا سينئر اڳواڻ ان مقرري سان پريشان آهن.

(ن) ليگ جي صدر طرفان جاري ڪيل تازي نوٽيفڪيشن موجب مريم نواز باضابطه طور تي پارٽي ۾ ٻئي سينئر اڳواڻ بڻجي وئي آهي. پهرين نمبر تي سندس چاچو ۽ پارٽي صدر شهباز شريف آهي جيڪو ملڪ جو وزيراعظم به آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب نوازشريف(ن) ليگ ۾ ڪوبه عهدو نٿو رکي سگهي پر هو اڃان تائين پارٽي جو سرپرست اعليٰ آهي. پارٽي جي هڪ سينئر عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اهو فيصلو غمير جمهوري آهي ان سان پارٽي ۾ شريف خاندان جي گرفت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته شريف خاندان کان علاوه پارٽي جي شايد ئي ڪنهن سينئر اڳواڻ سان ان مقرري جي حوالي سان مشورو ڪيو ويو هجي.

خواجه آصف، تنوير حسين، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، سردار اياز صادق، خواجه سعد رفيق، راجا ظفرالحق جهڙن اڳواڻن سميت سمورا اهم اڳواڻ هاڻ مريم نواز جا ماتحت آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته پهريان شاهد خاقان عباسي سينئر نائب صدر هو پر هاڻ مريم نواز سميت ٻيا به ڪيترائي نائب صدر هئا.
(ن) ليگ جي هڪ سينئر عهديدار ڏک جو اظهار ڪيو ته شريف خاندان ۽ ان جي ويجهن ماڻهن جو پهريون حق آهي ته هو اهي اهم عهدا سنڀالين پوءِ چاهي اهو پارٽي جو عهدو هجي يا پوءِ حڪومت جو. نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هن چيو ته(ن) ليگ جو سپريم اڳواڻ نواز شريف آهي ۽ ان جو ڀاءُ(ن) ليگ جو صدر آهي ۽ ملڪ جو وزيراعظم به آهي. نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز پارٽي جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر آهي. شهباز شريف جو وڏو پٽ حمزه شهباز پنجاب ۾ اپوزيشن اڳواڻ آهي.
سمورن اڳواڻن کي نظر انداز ڪندي حمزه شهباز کي گذريل سال پنجاب جو وڏو وزير لڳايو ويو جڏهن ته ان جو والد ملڪ جو وزيراعظم آهي. پارٽي ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته خواجه سعد رفيق ۽ ملڪ احمد خان پنجاب ۾ وڏي وزير جي عهدي لاءِ بهترين اميدوار هئا پر شريف فيملي پنهنجي ئي پٽ جي حق ۾ فيصلو ڪيو پر حمزه شهباز مشڪل سان ئي ڪجهه مهينن لاءِ عهدو رکي سگهيو.
نواز شريف جا ٻئي پٽ سياست ۾ دلچسپي نٿا رکن جڏهن ته شهباز شريف جو ننڍو پٽ سليمان شهباز خاندان جو ڪاروبار سنڀالي رهيو آهي. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار نوازشريف جو ويجهو ساٿي آهي ۽ ان سبب هو پارٽي ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ رکي ٿو.
نواز شريف جو ناٺي ۽ مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر(ن) ليگ ليگ جي يوٿ ونگ جو صدر آهي. (ن) ليگ جي هڪ اڳواڻ موجب مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر کي به مستقبل جي (ن) ليگ لاءِ پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم جي حصي طور تي تيار ڪيو پيو وڃي پر جنيد اڃان تائين سياست ۾ قدم ناهي رکيو. ذريعن موجب جيڪڏهن جنيد سياست ۾ قدم رکيو ته شريف فيملي کان ٻاهر(ن) ليگ جا سينئر اڳواڻ به جنيد جا ماتحت ٿي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته(ن) ليگ جي اندروني سيات سان جمهوريت جو ڪوبه تعلق ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں