63

ڪالهه منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو کنڀي کڻي ويا آهن: مونس الاهي

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الزام لڳائيندي چيو آهي ته ڪالهه منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو کنڀي کڻي ويا آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس الاهي لکيو آهي ته ڪالهه منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو ڪاري رنگ جي گاڏي ۾ کنڀي کڻي ويا.

مونس الاهي واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو شيئر ڪندي لکيو آهي ته ايف آءِ اي وارا قسم کڻي رهيا آهن ته انهن هن کي ناهي کنيو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان کي ايف آءِ اي آفيس پهچايو ويندو ۽ کيس بيان ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو.
اڳوڻي وفاقي وزير ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته اوهان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان پي ڊي ايم سان گڏجڻ نٿا چاهيون.
ٻئي طرف گارڊن ٽائون لاهور جي ٿاڻي ۾ مغوي احمد فاران خان جي ڀاءُ سلمان ظهير جي مدعيت ۾ اغوا ۽ چوري جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب گارڊن ٽائون جو رهواسي احمد فاران خان پنهنجي گهر مان گاڏي ۾ ڊرائيور سان گڏ نڪتو ته گارڊن ٽائون مان مسلم ٽائون موڙ وٽ ويگو گاڏي ۾ 6 کان 7 هٿياربندن سندس گاڏي کي روڪي احمد فاران خان کي اغوا ڪري کڻي ويا.
اغوا ڪندڙ مغوي جي لائسنس واري رائفل به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊرائيور طرفان مغوي جي ڀاءُ سلمان ظهير خان کي اطلاع ڏني جيڪا موقعي تي پهتي ۽ پوليس کي آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب پوليس سمورن رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. ڳجهي ادارا جا آفيسر به مغوي جي بازيابي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مغوي پنجاب جي اهم شخصيت جي پٽ جو ويجهو دوست آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں