60

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا سمورا بئنڪ اڪائونٽس ۽ اثاثا بحال

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا سمورا بئنڪ اڪائونٽس ۽ اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو جنهن کان پوءِ ناڻي واري وزير جا سمورا بئنڪ اڪائونٽس ۽ اثاثا بحال ٿي ويا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي اثاثن جي ضبطگي ختم ٿي وئي، جڏهن ته سندس بئنڪ اڪائونٽس به بحال ٿي ويا آهن.
اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس واپس ٿيڻ کان پوءِ اڪائونٽس ۽ اثاثن بابت فيصلو جاري ڪيو. عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت اثاثا ضبط ڪرڻ جو 2017 وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. اسحاق ڊار جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ لاهور جو گھر ضبط ڪيو ويو هو. اسحاق ڊار جا اثاثا اشتهاري هجڻ تي ضبط ڪيا ويا هئا.
احتساب عدالت اسحاق ڊار جا بئنڪ اڪائونٽس به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته اسحاق ڊار سرينڊر ڪري چڪو آهي جنهن کان پوءِ سندس ٽرائل ختم ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں