56

تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي. رجسٽرار آئيني اداري جي سربراهه خلاف توهين عدالت بابت اعتراض اٿاريو هو جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تحريڪ انصاف واپس وٺي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض ۾ چيو هو ته آئيني عهدو رکندڙ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڪيئن توهين عدالت جي درخواست داخل ٿي سگهي ٿي؟

30 ڊسمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 31 ڊسمبر تي ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں