65

ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ حڪومتي اثاثن کي جلد وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڊيفالٽ جي خطري کي منهن ڏيڻ لا حڪومتي اثاثن کي تيزي سان وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪر يورتو آهي.
وفاقي حڪومت جمعي جي ڏينهن فيصلو ڪيو آهي ته امڪاني ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ 2 پاور پلانٽس قطر جي حڪومت کي وڪرو ڪيا ويندا. اهي پلانٽ 4 سال اڳ حڪومت جي نجڪاري فهرست ۾ شامل هئا ۽ حڪومت کي اميد هئي ته ان کي وڪرو ڪرڻ سان 1 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ملندا. پر هاڻ موجوده حڪومت ان جي نجڪاري بجاءِ قطر کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان کان 2 ڏينهن اڳ حڪومت طرفان ڪابينه جي هڪ نئين ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جو مقصد حڪومتي اثاثن کي تيزي سان وڪرو ڪرڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ هو. ان سلسلي ۾ 2460 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اهو پاور پلانٽ هاڻ ڪنهن پرڏيهي ملڪ کي وڪرو ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں