71

مريم نواز جو جينيوا ۾ آپريشن: فواد چوڌري نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فواد چوڌري مريم نواز کي مينشن ڪندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته اوهان جلد صحتياب ٿي وڃو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز جو جينيوا ۾ آپريشن ٿيو هو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب لکيو هو ته مريم نوازشريف جينيوا ۾ گلي جي آپريشن کان پوءِ خيريت سان آهي ان جو آپريشن 3 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.

مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز دعا ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام اماڻيندڙ عوام ۽ ڪارڪنن جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں