65

پنجاب ۾ انٽيليجنس آپريشن دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 5 دهشتگرد گرفتار

لاهور: گوجرانوالا ۽ ساهيوال وڏي تباهي کان بچي ويا. سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن ۾ انعام الحق، مسڪين الله، واحد خان، شيرنقيب، شاهه ولي شامل آهن.
اختيارين موجب دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان آهي. دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد، هٿيار، خودڪش جيڪٽ ٺاهڻ جو سامان هٿ آيو آهي.
جوابدارن خلاف 4 ڪيس داخل ڪري کين جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي طرفان آءِ پنجاب جي هدايت تي هڪ هفتي دوران 526 ڪومبنگ آپريشن ڪيا جن مان 130 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. 21 هزار 227 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں