101

ٽينس اسٽار ثانيه مرزا انٽرنيشنل ٽينس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ اسٽار شعيب ملڪ جي زال ثانيه مرزا انٽرنيشنل ٽينس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وومين ٽينس ايسوسيئيشن جي ويب سائيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ثانيه مرزا چيو ته هوءَ ايندڙ مهيني دبئي ۾ ٿيندڙ ٽينس چيمپيئن شپ کانپوءِ پنهنجو ٽينس ريڪٽ هٽائيندي.

هن چيو ته مان WTA فائنل کانپوءِ ختم ڪرڻ چاهيان ٿي، مان WTA فائنل تائين پهچڻ واري هيس پر زخمي ٿيڻ ڪري مون کي يو ايس اوپن سميت سمورن ايونٽس تان هٿ کڻڻو پيو.

”مان نه ٿي چاهيان ته لڳل ڌڪ منهنجي ڪيريئر کي ختم ڪري، تنهنڪري مون ٽريننگ جاري رکي،“ هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اهو منصوبو آهي ته WTA 1000 کيڏڻ ۽ دبئي ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪريان.

ياد رهي ته ثانيه مرزا آسٽريلين اوپن ڊبلز ۾ قزاقستان جي اينا ڊيلينا سان گڏ حصو وٺندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں