94

آمريڪا ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي جي ڪلاس روم ۾ فائرنگ، ماسترياڻي سخت زخمي

واشنگٽن: آمريڪا ۾ 6 ورهين جي ٻار استاد کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو رياست ورجينيا جي هڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پيش آيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ اسڪول جي 6 ورهين جي شاگرد پاران ڪيل فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت استاد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس اختيارين موجب ٻارڙي پاران فائرنگ حادثاتي طور نه ڪئي وئي. ٻارڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، فائرنگ ۾ ڪو به شاگرد زخمي نه ٿيو. وڌيڪ جاچ جاري آهي، آمريڪا ۾ اسڪول فائرنگ جا واقعا معمول بڻيل آهن ۽ انهن واقعن ۾ هن وقت تائين شاگردن سميت درجنين ماڻهو مارجي چڪا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں