181

ٽڪ ٽاڪ جو نئين سال جو پهريون اهم فيچر اوهان جو وڏو مسئو حل ڪري ڇڏيندو

اسلام آباد:ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن سدائين اها شڪايت ڪندي ڏٺو ويو آهي ته هو هن ايپ ۾ وڃائجي ويندا آهن ۽ ڪلاڪن تائين ان تي اسڪرولنگ ڪندا رهندا آهن، جنهن سان سندن ننڊ وارو عمل تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪمپني طرفان هڪ نئون فيچر پيش ڪرڻ جو تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن جو مقصد مناسب وقت تائين ننڊ کي يقيني بڻائڻ آهي، ڪمپني طرفان نوان فيچر سليپ رمائينڊرز جي آزمائش جاري آهي.
هن فيچر تحت سمهڻ واري وقت جا الرٽس لڳائڻ جڏهن ته ننڊ دوران نوٽيفڪيشنز کي ميوٽ ڪرڻ جهڙا آپشنز دستياب هوندا.
ڪمپني موجب ڄاڻايل فيچر جي سهولت سڄي دنيا جي محدود واهپيدارن کي حاصل آهي.
نئون فيچر اسڪرين ٽائم سيٽنگز ۾ سليپ رمائنڊرز جو نالي سان موجود آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں