81

ڪراچي: ڪورنگي مان گم ٿي ويل 2 ڇوڪريون لاهور مان هٿ

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان گم ٿي ويل 2 ڇوڪريون لاهور مان هٿ اچي ويون. ڇوڪرين جي گم ٿيڻ جو ڪيس زمان ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو. ٻئي ڇوڪريون پاڻ ۾ سهيليون آهن جنهن جي عمر 14 سال آهي.
جاچ اختيارين موجب شروعاتي ڄاڻ ۾ خبر پئي ته ٻئي ڇوڪريون ڪورين ميوزڪ بينڊ مان متاثر هيون جنهن سبب هو ڪوريا وڃڻ لاءِ مبينه طور تي گهرن مان نڪتيون. ٻئي ڇوڪريون لاهور ريلوي پوليس کي اسٽيشن تي مليون. شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته ڇوڪرين کي ڪوريا وڃڻ جو شوق هو، هنن کي پهريان لاهور، پوءِ اسلام آباد ۽ اتان کان ڪوريا وڃڻو هو.
ڪوريا وڃڻ جي لاءِ مبينه طور تي ٻئي ڄڻيون گهرن مان نڪتيون جنهن جي لاءِ انهن مختلف ٽرينن جي ڄاڻ ورتي ۽ ڪوريا وڃڻ لاءِ سموري ڄاڻ حاصل ڪئي. ٻنهي ڇوڪرين پنهنجي هڪ سئوٽ کي به گڏ هلڻ جو چيو پر اها انهن سان گڏ نه وئي. ٻنهي ڇوڪرين وڃڻ کان اڳ گوگل آءِ ڊي فارميٽ ڪري ڇڏي. اختيارين موجب ٻنهي ڇوڪرين اها به خبر ورتي ته ڪهڙي ٽرين ڪٿان کان ويندي آهي ۽ ان جو ڀاڙو ڪيترو آهي، سڀني کي هڪ صفحي تي نوٽ ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں