64

ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي ان جو اڃان تائين فيصلو ناهي ڪيو: چوڌري سرور

لاهور: پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي ان جو اڃان تائين فيصلو ناهي ڪيو. يوسف رضا گيلاني سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته پنجاب ۾ رائٽ پرسن فار رائٽ جاب هجي ها ته معاملا بهتر هجن ها. صوبي ۾ پوليس اڳ ئي خراب ٿي وئي هئي. گڊ گورننس ڏئي ڇڏيون ها ته اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف نه ٿين ها.

پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انهن جي سڀني وزيرن کي خبر آهي. سڀني کي خبر هئي ته پنجاب ۾ صحيح ڪم نه پيا ٿين. اسان غلط ماڻهو کي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو. هاڻ حالتون به سڀ ڏسي رهيا آهن.
ٻوڏ بابت ڳالهيون ڪندي چوڌري سرور چيو ته اهي قدرتي آفتون موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهن. اسان هڪ سيڪڙو گئس پيدا ڪندا آهيون، دنيا کي سوچڻو پوندو، جيتري وڏي آفت آئي عالمي ادارن اهڙي طريقي سان ڪردار ادا نه ڪيو. پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ڪوبه ترقي يافته ملڪ برداشت نٿي ڪري سگهيو.
چوڌري سرور چيو ته ذاتي ۽ پارٽي مفادن کي ڌار ڌار رکيو ويندو آهي. خاندان مٿان مصيب ايندي آهي ته سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو آهي. پاڪستان جي سياسي قيادت مشڪل صورتحال دوران ملڪ لاءِ سوچي. هتي الزام هڻڻ جي لاءِ راند کيڏي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں