75

روس کان ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت طرفان ڪڻڪ ٻاهر کان گهرائي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ روس کان حڪومتي سطح تي گهرايل ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي پهچي وئي آهي.
ان حوالي سان فوڊ کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته روس مان ڪڻڪ جا 2 جهاز ڪراچي پهچي ويا آهن. وڌيڪ ساڍا 4 لک ٽن ڪڻڪ گوادر ذريعي پاڪستان پهچندي.
حڪومتي سطح تي گڏيل طور تي ساڍا 7 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي پئي وڃي. 30 مارچ تائين روس مان حڪومتي سطح تي درآمد ڪيل ڪڻڪ جا سمورا جهاز پاڪستان پهچي ويندا.
مختلف ملڪن کان به ڪڻڪ کڻي جهاز ڪراچي پورٽ تي پهتا آهن. هينئر تائين ساڍا 3 لک ٽن ڪڻڪ ڪراچي پورٽ تي پهچي چڪي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں