69

مڪاني چونڊون: سنڌ جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪيورٽي لاءِ آءِ جي کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي.
15 جنوري تي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ٿينديون جنهن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.

ان سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي سيڪيورٽي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي به خط لکي ڇڏيو آهي.

15 جنوري تي ڪراچي ڊويزن جي 7 ضلعن جي 15 ٽائونن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ 25 ٽائونن جي 246 يوسيز جي 984 وارڊز تي ووٽنگ ٿيندي.

ڪراچي جي ضلعي وسطي جي 360، ڪورنگي جي 318، جنوبي جي 224، غربي جي 111، ملير جي 119 ۽ ڪياماڙي جا 164 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس قرار ڏنا ويا آهن. جڏهن ته رينجرز ڪوئيڪ ريسپانس فورس جي طور تي علائقن ۾ موجود رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں