75

فيصل آباد ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن دوران 5 ڄڻا مارجي ويا

فيصل آباد:فيصل آباد ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ جو هڪ واقعو ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو جنهن ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته واقعي کان پوءِ سس ۽ ننهن ٻئي فرار ٿي ويون.
ٻيو واقعو فيصل آباد جي علائقي سمندري ۾ پيش آيو جتي گاڏي تي فائرنگ سبب ڊسٽرڪٽ بار جو اڳوڻو صدر نويد مختار ۽ سندس ويجهو ساٿي به مارجي ويو.
سمندر ۾ پيش ايندڙ واقعي تي وڪيلن ضلع ڪائونسل چوڪ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں