91

سعودي شهزادو 2022ع ۾ عرب دنيا جو بااثر اڳواڻ قرار

رياض: هڪ تازي سروي ۾ 77 لک ماڻهن سعودي شهزادي محمد بن سلمان کي عرب دنيا جو بااثر ترين ليڊر قرار ڏنو آهي.
رپورٽس موجب هڪ سروي ۾ 2022ع جي عرب دنيا جي مشهور ۽ بااثر اڳواڻ جو نالو پڇيو ويو هو. سروي ۾ 63 سيڪڙو ماڻهن سعودي جي شهزادي محمد بن سلمان جو نالو کنيو.
سروي ۾ 77 لک ماڻهن شهزادي محمد بن سلمان کي ووٽ ڏنو جڏهن ته ٻئي نمبر تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ريو ۽ ٽين نمبر تي مصر جو صدر عبدالفتاح السيسي کي عرب دنيا جو بااثر ليڊر قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته ان ئي ٽي وي جي گذريل سال ٿيل سروي ۾ به شهزادي محمد بن سلمان پهريون نمبر حاصل ڪيو هو.
شهزادي محمد بن سلمان کي ان جي عزم 2030ع جي حوالي سان عالمي شهرت ملي آهي جڏهن ته عرب دنيا جي واپار ۽ معاشي طور تي يورپي ملڪن جي برابر کڻي اچڻ جي عزم کيس عرب دنيا جو هيرو بڻائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں