153

هاڻي پاڪستاني به يوٽيوب شارٽس مان پيسا ڪمائي سگهندا

اسلام آباد: (اڱارو: 10 جنوري 2023ع) يوٽيوب چينل تان ماڻهو سبسڪرائبرز وڌائي ته مونيٽٽائز ڪرائي پيسا ڪمائيندا هئا پر هاڻي مختصر وڊيو پوسٽ ڪري به پيسا ڪمائي سگهو ٿا.
يوٽيوب شارٽس لاءِ ريوينيو شيئرنگ پروگرام جو اعلان سيپٽمبر 2022 ۾ ٿيو هو ۽ پهرين فيبروري کان ان تي عمل شروع ٿي رهيو آهي.

ان مقصد لاءِ 10 جنوري تي ڪمپني پاران پارٽنرپروگرام جون نئيون شرطون متعارف ڪرايون ويون آهن جنهن کي 10 جولاءِ تائين تسليم ڪرڻ گهربل آهي.

رپورٽ موجب پهرين فيبروريءَ کان تخليق ڪندڙن لاءِ مختصر وڊيوز مان پيسا ڪمائڻ ممڪن ٿي ويندو.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ جيڪا اهم ترين تبديلي ڪئي وئي آهي اها شارٽس فيڊ ۾ وڊيوز جي دوران ڏيکاريندڙ اشتهارن سان واهپيدارن کي ڪمائڻ جو موقعو فراهم ڪرائڻ تي مبني آهي.
شارٽس پوسٽ ڪندڙ سمورا واهپيدار ان پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي سگهن ٿا جن جي سبسڪرائبرز جو انگ گذريل 90 ڏينهن جي دوران هڪ هزار جڏهن ته شارٽس ويوز هڪ ڪروڙ هوندا.
نئين شرطن موجب تخليق ڪندڙن کي مخصوص مونيٽائزيشن ماڊلز کي تسليم ڪرڻو پوندو.
هڪ ماڊل کي واچ پيج مونيٽائيزيشن موڊيول جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ذريعي تخليق ڪندڙ ڊگهي وڊيو ڏيکاريندڙ اشتهارن مان پيسا ڪمائي سگهندا.
ٻيو ماڊل شارٽس مونيٽائزيشن موڊيول آهي جنهن سان واهپيدار شارٽس وڊيوز جي وچ ۾ اشتهار هلائي پيسا ڪمائي سگهندا. ٽيون ماڊل ڪامرس پراڊڪٽ ايڊنڊم آهي.
يوٽيوب موجب تخليق ڪندڙ سمورن ماڊلز کي تسليم ڪرڻ گهربل هوندو جنهن کانپوءِ ئي پليٽ فارم کان آمدني حاصل ڪري سگهندا. جيڪي واهپيدار رڳو شارٽس وڊيوز پوسٽ ڪندا آهن، انهن کي شارٽس مونيٽائيزيشن موڊيول کي تسليم ڪرڻو پوندو ته جيئن هو شارٽس جي اشتهاري آمني ۾ حصيدار بڻجي سگهن.
شارٽس جي آمدني کي شيئر ڪرڻ جو طريقو ڏکيو آهي.
شارٽس مونيٽائيزيشن ماڊل هيٺ اشتهارن کان حاصل ٿيندڙ مجموعي رقم مان 45 سيڪڙو واهيپدار پاڻ رکي سگهندا جڏهن ته باقي رقم ڪمپني جي حصي ۾ ويندي.
ان پروگرام تحت فلمن يا ٽي وي شوز کانسواءِ ايڊت ڪيل ڪلپس تي ڪابه آمدني حاصل نه ٿيندي، يوٽيوب يا ڪنهن ٻي جڳهه تي پوسٽ ڪيل مواد کي اپ لوڊ ڪرڻ تي به پيسا ڪمائڻ ممڪن نه هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں