122

راڪي ساونت پنهنجي مسلمان دوست عادل خان سان شادي ڪري ڇڏي

ممبئي: ڀارتي اداڪارا راڪي ساونت پنهنجي دوست عادل سان شادي ڪري ڇڏي.

اداڪارا ۽ ڊانسر راڪي ساونت ۽ ان جي مسلمان دوست عادل خان جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جن تي صارفين طرفان تبصرا ڪيا پيا وڃن.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ انهن تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته راڪي ۽ عادل شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ راڪي پنهنجي ماءُ جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام ڏنو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته سندس ماءُ کي ٻيهر دماغي ٽيومر ظاهر ٿيو آهي، هوءَ سخت بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

ڍياد رهي ته راڪي ساونت پنهنجي دوست سان گڏ هر روز ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي نظر ايندي آهي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن اعلان به ڪيو هو ته هوءَ ۽ عادل جلد شادي ڪندا.

راڪي ساونت 2020 ۾ هڪ برطانوي بزنس مين رتيش سان شادي ڪئي جيڪا گهڻي دير نه هلي ۽ ايندڙ سال ختم ٿي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں