67

پشين ۾ روڊ حادثو: بلوچستان ڪانسٽيبلري جو ڊي ايس پي خاندان سميت اجل جو شڪار

پشين: پشين ۾ ٿيندڙ روڊ حادثي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري لورالائي جو ڊي ايس پي مختار ملغاڻي گهر واري ۽ 3 ٻارن سميت اجل جو شڪار ٿي ويو.
ليويز ذريعن موجب پشين ۾ خانوزئي واري علائقي گوال ۾ گاڏي ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ذريعن موجب اين 50 هاءِ وي تي زيارت ڪراس ويجهو ڪوئٽه کان پنجاب ويندڙڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثو ڪوهيڙو وڌي وڃڻ سبب پيش آيو.

ليويز ذريعن موجب پشين ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڊي ايس پي بلوچستان ڪانسٽيبلري ۽ سندس گهر ڀاتين جي نالن سان ٿي آهي.

ذريعن موجب حادثي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري لورالائي جي ڊي ايس پي مختارملغاڻي، سندس گهر واري، پُٽ ۽ 2 ڌيئرون فوت ٿي ويون. حادثي ۾ فوت ٿي ويل سمورن ماڻهن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں