76

اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ پي ٽي سي ايل جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
ضلعي سطح تي قائم آفيس ۾ انٽرنيٽ ۽ ٻين مسئلن کي ڄاڻڻ جي لاءِ سروي جي شروعات ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سمورن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي انسٽال ڪيو ويندو. جڏهن ته ضلعي سطح تي قائم آفيس ۾ اليڪٽرول سسٽم اپ گريڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ کي يقيني بنايو ويندو.
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرز کي پي ٽي سي ايل جي ٽيمن سان مڪمل تعاون جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ايندڙ عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان چونڊ نيجا وقت تي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اليڪشن ڪميشن خط جي ڪاپي پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ قائم آفيس ڏانهن به اماڻي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں