54

ڪراچي وارن لاءِ بجلي 7.43 روپيه في يونٽ سستي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي نومبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 7 روپيه 43 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ 7 روپيه 04 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ اٿارٽي 27 ڊسمبر 2022ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي. ان کان اڳ آڪٽوبر جي ايف سي اي صارفين کان 2 روپيه 45 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان گڏ چارج ڪيو ويو هو. نومبر جو ايف سي اي آڪٽوبر جي نسبت صارفين کان 4 روپيه 98 پئسا وڌيڪ گهٽ چارج ڪيو ويندو.
بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي صرف هڪ مهيني جي لاءِ هوندي. لائف لائن صارفين، 300 يونٽس تائين گهريلو صارفين، زرعي صارفين ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشن اهڙي حڪم کان آجا هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں