72

بلدياتي چونڊون روڪڻ جي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه ٿيڻ بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عبدالله هنجرا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن قانون موجب چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي جي بنياد تي ايم ڪيو ايم پاڪستان به پهرين مرحلي ۾ حصو ورتو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فيصلو اليڪشن ڪميشن جي ڪورم بابت داخل درخواست تي تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں