135

سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ڪرونا ويڪسينيشن کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

رياض: سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ڪرونا ويڪسينيشن کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

حج ۽ عمره واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرڻو پوندو. جن ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين نه ڏني وئي آهي انهن کي حج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حج تي اچڻ کان اڳ حاجين کي فلو (انفلوئنزا) کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن. سعودي عرب هن سال حج لاءِ حاجين جي تعداد تي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. گذريل ٻن سالن کان ڪرونا جي وبا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ زائرين جو تعداد محدود ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں