80

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ ڪابينه کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ صوبائي ڪابينه کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ اڄ خميس 12 جنوري تي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي بيرسٽر علي ظفر پنهنجي دليلن کي جاري رکندي چيو ته اسان کان اعتماد جو ووٽ ورتو ويو آهي، اسان سياسي بحران ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي جسٽس عابد عزيز پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ميمبرن ووٽ ڏنو؟ علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته 186اسيمبلي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير کي ووٽ ڏنو.
ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪرجي وڪيل حيدر رسول نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پيش ڪئي. علي ظفر چيو ته اسان کان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي. اسان سياسي بحران کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ٻڌڻي دوران پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان جي وڪيل خالد اسحاق پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پنجاب جي گورنر کان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گورنر مڃي ورتو آهي ته وڏي وزير اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي. گورنر وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته پنجاب جي گورنر جيڪڏهن نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي ته پوءِ معاملو ئي ختم ٿي ويو. اوهان پنهنجي اسيمبلي ۾ ئي معاملي کي حل ڪري ڇڏيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اهڙن معاملن ۾ عدالتن جي مداخلت گهٽ هجڻ گهرجي. هاڻ سڀ ڪجهه آئين موجب ٿي ويو آهي.
نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي بيان تي لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي درخواست اُڪلائي ڇڏي. عدالت چيف سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته پرويز الاهي ۽ سندس ڪابينه کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو ويو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته 12 جنوري تي وڏي وزير اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي. اعتماد جي ووٽ جو نتيجو پنجاب جي گورنر مڃي ورتو آهي. عدالت پنجاب جي گورنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو.
ياد رهي ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي 11 جنوري اربع تي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. پرويز الاهي ٽوٽل 186 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته اپوزيشن پارٽين ووٽنگ جي عمل جو بائيڪاٽ ۽ ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں