75

سنڌ حڪومت جو فيصلو رد: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي 15 جنوري تي ئي صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو فيصلو رد ڪيو ويو.
اليڪسن ڪميشن فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي ئي مڪمل ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ گهرو وزارت کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته جماعت اسلامي سنڌ حڪومت جي فيصلي تي اڄ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں