82

اعتماد جو ووٽ: پي ٽي آءِ غير حاضر رهندڙ 2 ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس اماڻي ڇڏيا

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ وقت غير حاضر رهندڙ 2 ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
رپورٽ موجب تحريڪ انصاف پارٽي پاليسي کان ناراض ميمبرن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ دوران غير حاضر رهندڙ 2 ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جن ۾ ممومنه وحيد ۽ فيصل فاروق چيمه شامل آهن.

14 جنوري تي ٻئي اڳواڻ ذاتي حيثيت ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان جي آڏو پيش ٿيندا جن کي آرٽيڪل 63 اي جي تحت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
پارٽي طرفان جاري ڪيل شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته اوهان بطور پارلياماني ميمبر پي ٽي آءِ جي چٽي پاليسي کان انڪار ڪيو. چٽين هدايتن باوجود ٻنهي ميمبرن ان تي عمل نه ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں