78

ايم ڪيو ايم پاڪستان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته نئين تڪ بنديون ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون نٿيون ٿي سگهن. ميئر انهن ئي ماڻهن جو هئڻ گهرجي جن جي آبادي وڌيڪ هجي.
رابطه ڪميٽي جي هنگامي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فروغ نسيم چيو ته جتي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ هو ان يوسيز ۾ وڌيڪ ووٽرز رکيا ويا.
فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي جي آبادي جي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي. 3 ڪروڙ جي شهر کي ڏيڍ ڪروڙ ڏيکارڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.
ياد رهي ته اليڪسن ڪميشن سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي 15 جنوري تي ئي صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں