67

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آصف زرداري پنجاب ۾ آئين موجب هلڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پنجاب ۾ آئين موجب هلڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
پنجاب جي صورتحال تي وفاقي حڪومت ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف پاڻ متحرڪ ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پنجاب جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ذريعن موجب حڪومتي اڳواڻن پنجاب ۾ آئين موجب هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان آئيني ۽ قانوني مشورن تحت حڪمت عملي بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پارٽي اڳواڻ نوازشريف سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب جي سياسي معاملن تي چوڌري شجاعت کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں