84

سپريم ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي فرانزڪ آڊٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي.
جسٽس عائشه ملڪ ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي 2 ارب 30 ڪروڙ جو بجيٽ مليو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي ته بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي وڃي. عدالتي حڪم باوجود سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ آڊٽ نه پيو ڪرائي.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني حڪم جاري ڪيو. آڊٽ ڪرائڻ ۾ اسان کي ڪو اعتراض نه آهي. ايڊيشنل رجسٽرار کي اعتراض سپروائزر لڳائڻ ۽ فوري آڊٽ تي آهي.
چيف جسس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي سڀني کان وڏي ڪمزوري آهي ته تعليم تي ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. صوبو گوسڙو اسڪولن جي نالي سان مشهور آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو آڊٽ ڪير ڪندو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آڊٽ اي جي پي آر ڪندو آهي. عدالت حڪم ڏئي ته گذريل 20 سالن جو آڊٽ پيش ڪنداسين.
سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آڊٽ مڪمل ٿيڻ تي لاڳاپيل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں