107

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جو آخري ميچ اڄ کيڏيو ويندو

ڪراچي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جو آخري ۽ ٽيون ميچ اڄ جمعي 13 جنوري تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٻنپهرن جو اڍائي وڳي کيڏيو ويندو.
هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ بنهي ٽيمن هڪ هڪ ميچ پنهنجي نالي ڪيو آهي. پاڪستان پهريون ون ڊي ميچ ڇهن وڪيٽن تان کٽيو جڏهن ته نيوزيلينڊ ٻيو ميچ 79 رنسن تان پنهنجي نالي ڪيو هو.
اڄ ٿيندڙ اهم ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم انتظاميه نائب ڪپتان شان مسعود ۽ فاسٽ بالرن محمد حسنين ۽ شاهنواز ڌاني کي کيڏائڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف گذريل ميچ دوران گرائونڊ ۾ داخل ٿيندڙ ٻن تماشائين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ميچ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پارڪنگ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں