97

ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊون نه ٿينديون: سنڌ حڪومت

ڪراچي:سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي نئين تڪ بندين بابت نوٽيفڪيشن به واپس وٺي ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن بدين، ڄامشورو، سجاول، ٺٽو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان ۽ مٽياري ۾ مڪاني چونڊون معمول موجب ٿينديون. اهو فيصلو ڪنهن جي احتجاج ۽ ڌمڪي تي ناهي ڪيو ويو پر ايم ڪيو ايم کي تڪ بندين تي خدشا هئا، اهو فيصلو سنڌ ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن کي آئين جي شق 10 جي تحت خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊون معمول موجب ٿينديون.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي جيڪي خدشا آهن انهن کي حڪومتي سطح تي حل ڪنداسين ڇو ته اها به اسان جي اتحادي پارٽي آهي پر انهن سنڌ صوبي ۾ سيڪيورٽي خدشن جو به ذڪر ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں